حڪيم حاجي محمد حسين شيخ

حڪيم حاجي محمد حسين شيخ: حاجي محمد حسين شيخ پنهنجي وقت جو تمام وڏو ناليوارو حڪيم ٿي گذريو آهي. هيءُ مٽياريءَ جو رهواسي هو، هن حڪمت جي سنَد ننڍي کنڊ جي مشهور حڪيم اجمل خان جي طبيه ڪاليج دهليءَ مان 1890ع ڌاري حاصل ڪئي. هن لاءِ هڪ واقعو مشهور آهي ته هيءُ 1936ع ڌاري هالا جي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ محمد الياس يوسفاڻيءَ جي گهرواريءَ جو علاج ڪندو هو، جڏهن علاج مڪمل ٿيو ۽ مريضه شفاياب ٿي ته الياس يوسفاڻيءَ کيس اجورو ڏيڻ چاهيو، جيڪو هن وٺڻ بدران ان کي ٻه اکر لکي ڏيڻ لاءِ چيو. جنهن تي الياس يوسفاڻيءَ چيو ته ٻن اکرن کي توهان ڇا ڪندؤ؟ تنهن تي حڪيم حاجي محمد حسين شيخ وراڻيو ته سائين توهان جا ڏنل پئسا ته جلد ئي ختم ٿي ويندا، پر توهان پاران مليل سرٽيفِڪيٽ منهنجي اولاد لاءِ يادگار رهندو. محمد الياس يوسفاڻيءَ پاران ڏنل اهو سرٽيڪفيٽ اڄ به سندس پونئيرن مان حڪيم حاجي نذير احمد شيخ وٽ موجود آهي. حڪيم حاجي محمد حسين عام حڪيمن وانگر نسخا لڪائڻ بدران انهن کي عام ڪرڻ جو قائل هو.
حڪيم صاحب 11 ذوالقعد 1363هه/ 29 آڪٽوبر 1944ع تي ۾ وفات ڪئي


لفظ حڪيم حاجي محمد حسين شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.10.29  عيسوي

حڪيم صاحب 11 ذوالقعد 1363هه/ 29 آڪٽوبر 1944ع تي ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رحيم بخش سومرو
جوڻيجوعبدالخالق
جهانداد خان ليفٽينينٽ جنرل
استاد وريلداس
توتان خان نوحاڻي بلوچ
پريم چند منشي
شهاب الدين خواجه
شمس الحسن سيد
حسين حقاني
بکر فقير سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون